سعيد خان چغته

سعيد خان چغته: اڪبري درٻار جو اهم امير خان چغته'>سعيد خان چغته، مرزا غازي بيگ، مرزا جاني بيگ جي وفات (1009هه) کانپوءِ ٺٽي جو حاڪم بڻيو. اڪبري درٻار هن کي طلب ڪيو، ليڪن گهرو مجبورين سبب هو وقت سر هندستان لاءِ روانو نه ٿي سگهيو. ان ڪري اڪبري درٻار خان چغته'>سعيد خان چغته کي مقرر ڪيو. ته مرزا کي بادشاهي درٻار ۾ وٺي اچي، خان چغته'>سعيد خان چغته بکر ۾ اچي منزل ڪئي. سيوهڻ جي حاڪم مير ابو القاسم نمڪين کي به خان چغته'>سعيد خان چغته جي مدد جو حڪم ٿيو. آخرڪار مرزا غازي بيگ ٺٽي جو حاڪم مقامي حالتن کي درست ڪري سيوهڻ ۽ پوءِ بکر پهتو. سعيد خان پنهنجي پٽ سعد الله کي مرزا غازي بيگ جو ڀاءُ سڏيو. آخرڪار سڀ گڏجي اڪبري درٻار ۾ پهتا. اڪبر بادشاهه، مرزا غازي بيگ کي انعام اڪرام ڏئي، کيس ٺٽي جي حڪومت جو پروانو ڏنو.


لفظ سعيد خان چغتهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو